آزادي جي جدوجهد جو اڳواڻ ۽ پسمانده تحريڪ جو باني: مولانا علي حسن عاصم بهاري


ليکڪ: فياض احمد فيضي
ترجمو: گنپت راءِ

    مولانا علي حسن عاصم بهاري ، انڊيا جي بهار صوبي جي ضلعي نالنده جي هڪ ننڍڙي شهر خاص گنج محله بهار شريف ۾ 15 اپريل 1890ع تي پيدا ٿيو. هن  جو تعلق هڪ غريب پسمانده ۽ ديندار گهراڻي سان هو. 1906ع ڌاري هن 16 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو. ڪلڪتي (هاڻوڪي ڪولڪتا) جي اوشا ڪمپني ۾ هن ملازمت اختيار ڪئي. مزدوري سان گڏ هن مطالعي ۽ سماجي و سياسي تحريڪن ۾ سرگرميون شروع ڪيون. اهو دور ننڍي کنڊ جي تاريخي ارتقائي موڙ جي حيثيت سان انتهائي اهميت رکندڙ دور هو. سموري ننڍي کنڊ جا سڀئي طبقا پنهنجي وجود جي جنگ لاءِ انتهائي سرگرم هئا. هي ننڍي کنڊ جي جديد تاريخ ۾ انهي دور هر طبقي اندر عظيم اڳواڻن کي جنم ڏنو جن جو اثر اڃا تائين ننڍي کنڊ جي سياست ۽ سماج تي موجود رهندو پيو اچي. 
     مولانا عاصم بهاري جيئن ته ٻين اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن نواب يا جاگيردار خاندان مان نه هو سو هن جي لاءِ پنهنجي پسمانده طبقي جي حقن لاءِ جنگ وڙهڻ لاءِ تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. هن ڪلڪتي ۾ اوشا ڪمپني جي ملازمت ڇڏي ڏني ۽ پنهنجي سفر گذر لاءِ پن جون ٻيڙيون ٻڌڻ  شروع ڪيون. ان دوران هن ٻيڙي ٻاڌارن جي هڪ يونين تشڪيل ڏني جنهن ۾ پنهنجي طبقاتي مسئلن جي حل سميت قوم ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيو. جنهن ۾ نظرياتي بحث مباحثا، مضمون پڙهڻ، ڪتابچا شايع ڪرڻ ۽ سياسي و سماجي مسئلن تي نظرياتي ويهڪون منظم ٿينديون رهيون.
     1908ع ۾ مولانا حاجي عبدالجبار شيخ پوروي پسمانده  تنظيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڪامياب نه ٿي سگهي جنهن جو مولانا عاصم کي وڏو صدمو رسيو. 1911ع ۾ ”تاريخ منوال و اهله“ جيڪا بنڪرن جي تاريخ متعلق هئي، پڙهڻ بعد پنهنجو پاڻ کي جدوجهد لاءِ ارپي ڇڏيو. پاڻ 22 سالن جي عمر ۾ بالغن جي تعليم جو هڪ پنج ساله منصوبو (1912ع کان 1918ع) شروع ڪيو. ان کان سواءِ جڏهن به پنهنجي وطن بهار شريف ويندو هو تڏهن ننڍڙيون ننڍڙيون گڏجاڻيون منظم ڪري ماڻهن ۾ سجاڳي ڦهلائيندو رهيو. 1914ع ۾ جڏهن هن جي ڄمار فقط 24 سال هئي تڏهن پنهنجي اباڻي علائقي خاص گنج محله (بهار شريف) ضلعي نالنده ۾ هڪ ادارو ”بزمِ ادب“ جي نالي سان قائم ڪيائين جتي هڪ لائبريري پڻ قائم ڪئي وئي.
 1918ع دوران ڪولڪته ۾ ”دارالمذاڪره“ نالي هڪ مطالعاتي مرڪز قائم ڪيائين. جتي مزدور ۽ ٻيا عام ماڻهو شام جو گڏجي پڙهندا لکندا هئا ۽ ان سان گڏ سياسي ۽ سماجي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن سڄيون راتيون گڏجاڻيون جاري رهنديون هيون.
  1919ع ۾ جڏهن ”جليان والا باغ“ جو سانحو پيش آيو تڏهن لالا لجپت راءِ ۽ مولانا آزاد سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان پوءِ انهن اڳواڻن جي آزادي لاءِ ”احتجاجي خطن جي مهم“ (پوسٽل پروٽيسٽ) شروع ڪئي، جنهن ۾ سموري ملڪ جي هر شهر، ضلعي ۽ ڳوٺ مان ڏيڍ لکن کان وڌيڪ خط ۽ ٽيليگرام وائسراءِ هند ۽ راڻي وڪٽوريا ڏانهن موڪليا ويا. آخرڪار اها تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ سمورا اڳواڻ آزاد ٿي جيل کان ٻاهر آيا.
  1920ع ۾ تانتي باغ، ڪولڪته ۾ ”جمعته المومنين“ تنظيم قائم ڪيائين جنهن جو پهريون اجلاس 10 مارچ 1920ع ۾ منعقد ٿيو جنهن کي مولانا آزاد پڻ خطاب ڪيو. 

اپريل 1921ع ۾ ديواري اخبار ”المومن“ شروع ڪئي وئي انهي اخبار ۾ مضمون ۽ پيغام هڪ وڏي ڪپڙي يا ڪاغذ تي لکي شهرن جي ديوارن تي چنبڙايا ويندا هئا ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو پڙهي سگهن. اهو طريقو تمام گهڻو مشهور ٿيو.
10 ڊسمبر 1921ع جو تانتي باغ، ڪولڪتي ۾ هڪ وڏو جلسو منظم ڪيو ويو جنهن ۾ 20 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، ان جلسي کي مولانا آزاد، گانڌي ۽ مولانا جوهر خطاب ڪيو. گانڌي ان موقعي تي ڪانگريس پارٽي جي ڪجهه شرطن کي قبول ڪرڻ عيوض تنظيم (جمعته المومنين) کي هڪ لک روپين جي رقم ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن کي مولانا عاصم بهاري رد ڪندي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. حالانڪه تحريڪ کي انهي رقم جي بيحد ضرورت به هئي پر مولانا عاصم بهاري جو خيال هو ته هو تحريڪ جي آغاز ۾ تنظيم کي ڪانگريس جي سياسي پابندي ۽ سپردگي کان پري رکڻ بهتر آهي.
1922ع جي شروعات ۾ هن تحريڪ کي سموري هندستان ۾ ڦهلائڻ جو پختو عزم ۽ ارادو ڪيو ۽ سموري هندستان جي دور دراز ٻهراڙين، ڳوٺن، ننڍن وڏن شهرن جي دوري تي نڪري پيو. انهي مهم جي شروعات پنهنجي اباڻي صوبي بهار کان ڪيائين. ڇهن مهينن جي مسلسل دورن کان پوءِ 3،4 جون 1922ع جو بهار شريف ۾ هڪ رياستي سطح جو جلسو منظم ڪيو ويو. انهي جلسي جي خرچ لاءِ جڏهن چندي جو انتظام نه ٿي رهيو هو ۽ جلسي جي تاريخ به تما ويجهي اچي چڪي هئي ته انهي صورتحال ۾ مولانا پنهنجي ماءُ کان پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي شادي لاءِ گڏ ڪيل پئسا ۽ زيور انهي وعدي تي گهريا ته شادي کان اڳ جيئن ئي جلسي لاءِ چندي جا پئسا مليا ته اها امانت هو کيس واپس ڪري ڇڏيندو پر وڏي سرتوڙ ڪوشش باوجود شادي جي ڏينهن اچڻ تائين اهو بندوبست به نه ٿي سگهيو. ان ڪري مولانا شادي جي ڏينهن تي پنهنجي گهران نڪري ويو ماڻس کيس واپس گهرائڻ لاءِ نياپا پڻ اماڻيا پر هو پشيماني جي عالم ۾ واپس اچي ڀاڻس جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهيو.
رضا مولا پہ ہو کے راضی، میں اپنی بستی کو کھو چکا ہوں،
اب اس کی مرضی ہی اپنی مرضی، جو چاہے پروردگار ہو گا۔
اهڙي پريشاني ۽ شرمندگي توڙي بيوسي جي عالم ۾ به سندس انقلابي جنون ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي. 1923ع ۾ ديواري اخبار ”المومن“ مسلسل شهرن جي چوراهن ۽ ڀتين تي شايع ٿيندي رهي. 9 جولاءِ 1923ع جو مدرسه معين الاسلام، سوه ديهه، بهار شريف (نالنده ضلعي) ۾ تنظيم ”جميعت المومنين“ جو هڪ مقامي جلسو منعقد ڪيو ويو. عين ان ئي ڏينهن تي سندس پٽ قمر الدين جنهن جي ڄمار صرف ڇهه مهينا ۽ 19 ڏينهن هئي جو انتقال ٿيو ليڪن سماج کي مکيه ڌارا ۾ آڻڻ جي جذبي جو اهو عالم هو ته هن پنهنجي لختِ جگر جي ميت کي ڪلهو ڏئي دفن ڪرڻ بدران مقرر وقت تي جلسي ۾ پهچي هڪ ڪلاڪ کان به ڊگهي تقرير ڪئي جنهن ۾ سماجي پسماندگي ۽ پنهنجي ماڻهن جي بدحالي جهڙن بنيادي مسئلن جي نشاندهي ڪري ماڻهن ۾ جدوجهد جو روح بيدار ڪيائين.
انهن مسلسل ۽ سخت ترين دورن ۾ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون پيش آيون. ڪيترائي ويلا کيس بک تي پڻ رهڻو پوندو هو. مالي مسئلا ته روزاني جو معمول هوندو هو. ان دوران سندس گهر نياڻي ”بارڪه“ جو جنم ٿيو پر ان وقت سندس گهر جي مالي حالت ايتري ته ابتر هئي جو گهر ۾ فاقن جي نوبت اچي چڪي هئي. ان ئي زماني پٽنا ۾ ”آريه سماجين“ هڪ مناظري ۾ عالمن کي شڪست ڏني هئي ۽ ڪنهن عالم وٽ به انهن آريا سماجين جي سوالن جو جواب نه هو. جڏهن مولانا عاصم بهاري تائين اها ڄاڻ پهتي ته هن پنهنجي هڪ دوست کان ڪرايي لاءِ قرض ورتو. پٽنا تائين پهچڻ لاءِ وٽس صرف اهو ڪرايو ئي هو جڏهن ته سفر دوران کاڌي لاءِ وڌيڪ پئسا نه بچيا هئا سو هن مڪئي جا ڪجهه ڀڳل سنگ خريد ڪري پنهنجي ٿيلهي ۾ رکيا ۽ انهن تي ئي گذارو ڪندي نيٺ هو پٽنا شهر پهتو. اتي هن پنهنجي دليلن سان آريا سماجين کي اهڙي ته شڪست ڏئي لاجواب ڪيو جو اهي مناظري دوران ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا.
پنهنجي سڀني پريشانين، ڳڻتين، مسئلن، لڳاتار دورن جي باوجود خطن ۽ روزنامن لکڻ کان سواءِ اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن جو مطالعو ڪڏهن به نه ڇڏيائين. سندس مطالعو سياسي يا سماجي سرگرمين تائين محدود نه هو پر سائنس، ادب، فلسفي ۽ تاريخي حقيقتن جي تحقيق ۽ انهن جي بنيادن تائين پهچڻ چاهيندو هو. ان ڪري هو ان وقت جي مشهور اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن کي خط لکڻ ۾ اڳڀرو هوندو هو.
اگسٽ 1926ع ۾ ڪجهه چونڊيل رضاڪارن جي ٺوس تربيت لاءِ ”مجلس ميثاق“ جي نالي سان هڪ ڪور ڪميٽي جو بنياد وڌائين. انهي ئي ”مجلس ميثاق“ تنظيم ڇهين جولاءِ 1925ع ڌاري ”الاڪرام“ نالي هڪ رسالي جي اشاعت شروع ڪئي ته جيئن تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي.
1926ع ۾ ”دار التربيت“ نالي هڪ تعليمي اداري ۽ لائبريري جو قيام عمل ۾ آندو ويو. بنڪرين جي ڪم کي منظم ۽ مستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان ۽ حڪومتِ هند سان ڀرپور تعاون حاصل ڪرڻ خاطر 26 جولاءِ 1927ع ۾ هن ”بهار ويورس ايسوسيئيشن“ قائم ڪئي جنهن جون شاخون ڪولڪتي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ پڻ قائم ڪيون ويون.
1926ع ۾ بهار کي منظم ڪرڻ بعد عاصم بهاري اتر پرديش جو رخ ڪيو. هن گورک پور، بنارس، الهه آباد، لکيم پور، کيري ۽ ٻين ضلعن جو طوفاني دورو ڪيو. اتر پرديش کان پوءِ دهلي ۽ پنجاب ۾ به تنظيم کي قائم ڪيائين.
18 اپريل 1928ع ڌاري ”ٻي ڪل هند ڪانفرنس“ الهه آباد ۾ منعقد ڪئي وئي ۽ ان جو ٽيون اجلاس 1931ع جو دهلي ۾، چوٿون اجلاس لاهور ۽ پنجين ڪانفرنس نومبر 1932ع دوران گيا ۾ گهرائي وئي. ”گيا ڪانفرنس“ ۾ تنظيم اندر عورتن ۽ نوجوانن جا شعبا پڻ قائم ڪيا ويا. نوجوانن لاءِ ”مومن نوجوان ڪانفرنس“ قائم ڪئي وئي. رضاڪارن جي تنظيم ”مومن اسڪائوٽ“ پڻ قائم ڪئي وئي. ڪانپور، گورکپور، دهلي، ناگپور ۽ پٽنا ۾ رياستي سطح جون ڪانفرنسون ٿينديون رهيون. اهڙي طرح ممبئي، ناگپور، دهلي، ناگپور ۽ پٽنا ۾ رياستي (صوبائي) ڪانفرنسن جو اهتمام ڪيو ويو. اهڙي ممبئي، حيدرآباد (دکن)، ناگپور، چنائي کان وٺي لنڪا ۽ برما ۾ پڻ تنظيم قائم ڪئي وئي. اهڙي طرح جميعت المومنين (مومن ڪانفرنس) ڪل هند سطح کان اڳتي وڌي هڪ بين الاقوامي تنظيم بنجي وئي.
1938ع دوران ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر تنظيم جون 2000 شاخون قائم ٿي چڪيون هيون. ڪانپور ۾ هڪ هفتيوار ميگزين ”مومن گزيٽ“ جي اشاعت پڻ شروع ڪئي وئي. مولانا عاصم بهاري هميشه پنهنجو پاڻ کي پس منظر ۾ رکي ٻين کي اڳتي آڻيندو رهيو پاڻ ڪڏهن به ڪنهن به ڪانفرنس يا تنظيم جو صدر ٿيڻ پسند نه ڪيائين پر ماڻهن جي بيحد اصرار تي پنهنجو پاڻ کي صرف جنرل سيڪريٽري تائين محدود رکيو.
جڏهن تنظيم جو ڪم تمام گهڻو وڌي ويو ته مولانا صاحب کي پنهنجي روزگار ۽ خاندان جي ڪفالت لاءِ محنت مزدوري جو موقعو بلڪل نه ملي رهيو هو ته اهڙي صورتحال ۾ تنظيم هڪ معمولي ماهوار رقم هن جي گهر هلائڻ لاءِ طئي ڪئي پر اها به بروقت ۽ پوري نه ملندي هئي.
جڏهن ڪٿي به مومن ڪانفرنس جي شاخ کولي ويندي هئي اتي ننڍيون ننڍيون گڏجاڻِون منظم ڪيون وينديون هيون، ان سان گڏوگڏ تعليم و روزگار جا مشاورتي مرڪز ۽ لائبريريون قائم ڪيون ويون. مولانا عاصم بهاري جي شروع کان وٺي اها ڪوشش رهي ته انصاري برادري کان سواءِ ٻين پسمانده برابدرين کي به با خبر، فعال ۽ منظم ڪيو وڃي. ان کان سواءِ هو هر ڪانفرنس ۾ ٻين پسمانده برادرين جي ماڻهن، اڳواڻن توڙي تنظيمن کي شريڪ ڪندو هو. مومن گزيٽ ۾ پڻ انهن جي خيالن کي جڳهه ڏني ويندي هئي. جيئن ته هن 16 نومبر 1930ع جو سڀني پسمانده برادرين جي هڪ مشترڪه سياسي جماعت ”مسلم ليبر فيڊريشن“ ٺاهڻ جي تجويز انهي شرط سان پيش ڪئي ته اصل سماجي تحريڪ جي تنظيم متاثر نه ٿئي.
17 آڪٽوبر 1931ع جو ان دور جي سڀني پسمانده برادرين جي گڏيل تنظيم ”بورڊ آف مسلم ووڪيشنل اينڊ انڊسٽري ڪلاسز“ قائم ڪيائين ۽ عام اتفاق راءِ سان هو ان جو سرپرست بڻايو ويو. ان دوران هن جي سڳي ڀاءُ جي سخت بيماري جي ڄاڻ پهتي کيس چيو ويو ته سندس ڀاءُ سخت بيمار آهي ۽ ڪجهه ئي ڏينهن جو مهمان آهي ۽ کيس جلدي پهچڻ جو نياپو ڏنو ويو پر هو مسلسل ۽ لڳاتار سياسي و سماجي تحريڪ جي دورن سبب گهر وڃي نه سگهيو ايستائين جو ان جي ڀاءُ جي وفات ٿي وئي ۽ هو آخري ملاقات پڻ نه ڪري سگهيو.
1935.36ع جي چونڊن ۾ مومن ڪانفرنس جا اميدوار پوري ملڪ مان وڏي تعداد ۾ چونڊون کٽي آيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ جي طاقتور حلقن کي به پسمانده تحريڪ جي قوت جو احساس ٿيڻ لڳو، اتان ئي تحريڪ جي مخالفت ٿيڻ شروع ٿي. هميشه کان وٺي مکيه ڌارا ۾ شامل نام نهاد اشرافيه قيادت جي حلقي مومن ڪانفرنس ۽ ان جي رهنمائن خلاف مختلف الزام، مذهبي فتوائون ڏنيون ۽ هڪ منظم پروپيگنڊا تحت مضمون لکي اخبارن ۾ بدنام ڪيو ويو. ايتري قدر جو بنڪر برادري جي ڪردارڪشي تي مشتمل ”جولاها نامه“ (قاضي تلمز حسين گورکپوري) ۽ فتنه جولاها (حامد حسين صديقي الهه آبادي) پڻ شايع ڪيو ويو. ڪانپور ۾ چونڊ مهم دوران هڪ سرگرم پسمانده ڪارڪن عبدالله کي قتل ڪيو ويو.
مولانا عاصم بهاري جي هڪ سڃاڻپ ڊگهيون تقريرون پڻ هيون. عام طور تي هو ٻن ٽن ڪلاڪن جون تقريرون ڪندو هو. 13 سيپٽمبر 1938ع جو قنوج اجلاس ۾ پنجن ڪلاڪن جي تقرير ۽ 25 آڪٽوبر 1938ع ۾ ڪولڪتي ۾ پوري رات هلندڙ سندس تقرير انساني تاريخ جو منفرد مثال آهي. ”هندستان ڇڏيو تحريڪ“ يا ڪُئيٽ انڊيا مهم ۾ مولانا صاحب فعال ڪردار ادا ڪيو.
1940ع ۾ ملڪ جي تقسيم خلاف هن دهلي ۾ هڪ وڏو مظاهرو ڪيو جنهن ۾ چاليهه هزار پسمانده ماڻهو شريڪ هئا. 1946ع جي چونڊن ۾ جميعت المومن (مومن ڪانفرنس) جي اميدوارن کي ڪاميابي ملي. ڪامياب اميدوارن مان ڪيترائي اميدوار اهڙا به هئا جن مسلم ليگ جي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
1947ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي بعد مولانا عاصم بهاري پسمانده طبقي جي سماجي بحالي لاءِ وري متحرڪ ٿيو. مومن گزٽ کي اله آباد ۽ بهار شريف کان ٻيهر شايع ڪرڻ کي ممڪن بڻايو ويو.
ورهاڱي بعد مولانا صاحب جي صحت ويتر خراب ٿيندي وئي، ان سان هن جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ لڳاتار دورن جي سرگرمين ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيڻ لڳيون پر پاڻ حضرت ايوب انصاري رضه جي سنت کي زنده رکڻ لاءِ پرعزم رهيو. پاڻ جڏهن اله آباد جي دوري تي پهتو ته سندس جسم ۾ هڪ قدم کڻڻ جي پڻ ست نه رهي هئي. اهڙين حالتن جي باوجود به هو اتر پرديش صوبي ۾ جميعت المومنين جي ڪانفرنس جون تيارين ۾ بيحد مصروف رهيو ۽ پنهنجي ساٿين کي هدايتون ڏيندو رهيو.
مولانا صاحب کان سندس رب کي جيترو ڪم کائنس وٺڻو هو اهو وٺي چڪو هو. 5 ڊسمبر 1953ع جي شام جو کيس اوچتو دل جو دورو پيو ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ لڳي. دل ۾ بي انتها تڪيلف ۽ بيچيني محسوس ڪيائين. سندس چهري تي مسلسل پگهر وهي رهيو هو. هن رات جو ٻه وڳي ڌاري پنهنجي پٽ هارون عاصم جي هنج ۾ پاڻ کي ستل ڏٺو ۽ اک کوليندي اشارن ۾ چيائين ته منهنجو سر زمين تي رکيو وڃي ته جيئن آئون آخري ڀيرو الله جي حضور ۾ سجدو ادا ڪري سگهان. ان ئي حالت ۾ 6 ڊسمبر 1953ع جو آچر جي ڏينهن حاجي قمر الدين جي گهر اٽاله (اله آباد) ۾ سندس ساه جوسڳو ٽٽي پيو.
پنهنجي اڌ صدي جي سرگرم ۽ فعال زندگي ۾ مولانا صاحب پنهنجي ۽ خاندان لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو ۽ نه وري انهي طرف ڪجهه سوچڻ جو کيس ڪو موقعو مليو. جيڪڏهن هو چاهي ها ته پنهنجي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ها ۽ پنهنجي ڪفالت لاءِ معقول وسيلا پڻ ٺاهي سگهيو پئي. ليڪن هن هميشه پنهنجي پسمانده ماڻهن جي گهرن جا چراغ روشن ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي. هن جيتوڻيڪ پنهنجي سموري زندگي تڪليفن ۽ اهنجن ۾ گذاري ڇڏي پر پنهنجي پسمانده سماج کي هڪ رستو ڏئي ويو. هندستان جي پسمانده سماج ۾ مولانا عاصم بهاري جي نظرين جو اثر اڄ پڻ محسوس ڪري سگهجي ٿو. هو 67 سال اڳ ٺيڪ اڄوڪي ڏينهن تي هن دنيا مان رخصت ٿي ويو پر سندس پيغام اڄ به زنده آهي.
(شڪريه ادائي: آئون پروفيسر احمد سجاد جو شڪر گذار آهيان جنهن جو مولانا عاصم بهاري صاحب تي لکيل ڪتاب ”بنده مون کا هاتهه“ ۽ مولانا صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي روبرو ملاقاتن ۽ فون ذريعي ڄاڻ ئي مون کي اهو مضمون لکڻ جي قابل بڻايو: فياض احمد فيضي)
نوٽ: فياض احمد فيضي انڊيا (بهار) ۾ سرگرم پسمانده اڳواڻ، ليکڪ ۽ پيشي جي لحآظ کان طبيب آهي
(ترجمو: گنپت راءِ)
گنپت راءِ دلت ڪارڪن، ترجمہ نگار ۽ ليکڪ آھي. پاڪستان جي دلت سماج جي مختلف مسئلن تي ھو گذريل ٻن ڏھاڪن کان لکندو رھيو آھي. پيشي جي لحاظ کان ھو استاد آھي.)

Faiyaz Ahmad Fyzie

A doctor by profession. Voluntary social services, translation and writing are my other inclinations.

Leave a reply:

Your email address will not be published.